سنڌ سرڪار جلسا ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ چاهي ٿي: زين شاهه

حيدرآباد (م ڊ) سيد زين شاهه سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته ڪئنالن خلاف تحريڪ کي وڌيڪ طاقتور بڻائين. ايس يو پي سربراهه پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته 8 جولاءِ 2024 تي صدر آصف علي زرداري ڪئنالن جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين ڪوڙا بيان ڏنا ۽ ڪوڙو ٺهراءُ پاس ڪرايو. سنڌ جي عوام ان کي واضح طور رد ڪري ڇڏيو. سيد زين شاهه چيو ته آصف زرداري وضاحتي بيان ڏئي سنڌ جي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام وئي. هن سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان منظوري ڏني آهي ته هاڻي ان کي واپس به وٺو. هن وڌيڪ چيو ته ايس آءِ ايف سي ۾ وزيراعظم، وڏو وزير ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار گڏ هوندا آهن ۽ ڪئنالن جي منظوري به ان ئي فورم تي ڏني وئي. هاڻي سنڌ حڪومت جلسن جو اعلان ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي دعويٰ ته هو ڪئنالن جي خلاف آهي، اصل ۾ عوام کي دوکو ڏيڻ ۽ جدوجهد کي ڪمزور ڪرڻ جو هڪ حربو آهي. هن چيو ته اهي اسڪيمون پيپلزپارٽي جي حمايت سبب لاڳو ٿي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو