ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيندي الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جو کاڌ خوراڪ وارين شين تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت خاص مددگار وقار مھدي ۽ بيورو آف سپلائي جي اسپيشل اسسٽنٽ عثمان ھنڱورو جي صدارت ٿيو، جنهن ۾ زراعت واري سيڪريٽري سھيل احمد قريشي، ڊي جي بيورو آف سپلاءِ شاڪر قيوم خانزاده ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ منافع خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کڻڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي خاص مددگار وقار مهدي چيو ته سنڌ حڪومت منافع خورن خلاف ڪارروائي لاءِ الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. بيورو آف سپلاءِ جي اسپيشل اسسٽنٽ عثمان ھڱورو چيو ته ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سڀني گودامن کي رمضان کان اڳ رجسٽرڊ ڪيو ويندو ۽ بچت بازارن ۾ ضروري شين جا خاص اسٽال لڳايا ويندا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مارڪيٽن جي نگراني لاءِ خاص ڊيوٽيون لڳايون وينديون ۽ عام ماڻهن جي شڪايتن جو فوري طور ازالو ڪيو ويندو.اجلاس ۾ ميون ۽ سبزين جي قيمتن جي فهرست دڪاندارن وٽ لازمي قرار ڏني وئي. عثمان هڱورو جو چوڻ هو ته ٿاڻن جو اختيار سموري سنڌ ۾ ھوندو ۽ ٿاڻا منافعي خورن خلاف ڪارروائي جامجاز ھوندا، نون ٿاڻن تي بيورو آف سپلائي کاتي جا انسپيڪٽر ۽ پوليس اھڪار شامل ھوندا.هن چيو ته ڪراچي ۾ 3 ھفتن دوران 272 يونٽس جو دورو ڪري 5 لک 36 ھزار روپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي.
ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جي دفاع لاءِ تيار آهيون
50 هزار نون اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جو ارادو آهي،لنجار
ٺل ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو
وفاقي وزيرن جي پگهارن ۾ به وڏي واڌ جو امڪان، سمري تيار
مولانا سان عباسي جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نون ججن جي اچڻ کانپوءِ وڏي پئماني تي انتظامي ڦيرڦار
وزيراعظم جو يوٽيليٽي اسٽورز کانسواءِ رمضان پئڪيج آڻڻ جو اعلان
عمران خان جي خط جو رسپانس ملي ٿو ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين
پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط اڃا تائين کيس ناهي مليو
حڪومت جو 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان
فاطمه ڦرڙو جي وارثن جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو
پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي جو فيصلو
سنڌ سرڪار طرفان وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو
بحريا ٽائون کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جاري نوٽيس معطل
شاهپورچاڪر ,بٺي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڀاءُ قتل
آرمي ايڪٽ موجب فوجي عدالتن جا اختيار ڪهڙا آهن؟
ٻيڙي حادثي ۾ مليل 13 لاشن جي سڃاڻپ، پاڪستاني نڪتا
آرمي چيف کي لکيل باني جي خط جو جواب ڏسنداسين: علي امين
گذريل 12 مهينن ۾ ملڪي معيشيت مستحڪم ٿي آهي: محمد اورنگزيب