سنڌ صوبو سڀني صوبن کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري ٿو، ميمڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ روينيو بورڊ (SRB) جي چيئرمين واصف ميمڻ چيو آهي ته سنڌ صوبو سڀني صوبن کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ تيڪس جي شرح به گهٽ آهي پر ٽيڪس وصولي ٻين سوبن کان وڌيڪ آهي. ايڪسپريس نيوز کي ڏنول انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته گذريل مالي سال جو ٽيڪس وصولي جو هدف 235 ارب رپيا هو پر سنڌ 237 ارب رپيا گڏ ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ مالي سال لاءِ 350 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اسين پراميد آهيون ته ٽارگيٽ حاصل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ريسٽورنٽ جي شعبي مان پوائنٽ آف سيل (POS) سسٽم سبب ٽيڪس وصولي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ٽيڪس وصولي 20 ملين رپين کان وڌي 80 ملين رپيا ٿي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته ريسٽورنٽس ۾ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ جي ادائيگي تي 8 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته نقد ادائيگي تي 15 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ڪجهه ريسٽورنٽ مالڪن نقد ٽيڪس جي شرح وڌيڪ هئڻ تي اعتراض واريو آهي. ميمڻ ٻڌايو ته ٽيڪس چوري کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ان جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران انٽر سٽي گڊز ٽرانسپورٽرن سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ اسپتالن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان صوبي جي روينيو ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو