سنڌ صوفين ۽ امن پسندن جي ڌرتي آھي

عبدالمجيدبروھي
پاڪستان سميت پوري دنيا جا ماڻھون اڄ کان ڪجھ سال اڳ سنڌ کي امن پسندن ڀائيچارو رکندڙن جو ديس ۽ مھمان نوزان جي ڌرتي طور سڃاڻيندا ھيا ۽ پنھنجن ڪچھرين ۾ سنڌ جي مھمانوازي ۽ امن ۽ ڀائچاري جا مثال ڏيندا ھيا اڃ اھي سنڌ جو نالو ٻڌي ڇرڪي ويندا آھن ۽ حيران پريشان آھن تـ ھي سنڌ جي ماڻھن کي اچانڪ ڇا ٿي ويو آھي جو ھڪ ٻئي جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن مذھبي دوست اڳ ۾ سنڌ تان قربان ٿيڻ جون ڳالھيون ڪندا ھيا ۽ قومپرست مذھبي ڇيڙ ڇاڙ کا ھميشا پاسو ڪندا ھيا اڄ ھي سڀ ڇو اھڙس ٿي ويا آھن ڇو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سنڌ جي ڪلچر ۽ تھذيب جا دشمن بڻجي ويا آھن
سنڌ اھا ڌرتي آھي جتان جا ماڻھون ھميشا امن سان رھندا ھيا ڪو مھمان انھن وٽ لڙي ايندو ھيو ھو ان مھمان کي پنھنجي لاء اللـ پاڪ پاران موڪيل تحفو سمجھندا ھيا سنڌ جا رھواسي جيڪي مختلف سياسي مذھبي ۽ قومپرست پارٽين سان تعلق رکندڙ ھيا پر ڪڏنھن بـ ھڪ ٻئي مذھبي فرڪي سياسي مخالفت ۽ مذھبي ۽ انتھاپسندي سميت قومپرستي جي شدت کي پنھنجي ذاتي ۽ شھري واسطن تي فوقيت نـ ڏيندا ھيا سمورا سياسي مذھبي ۽ قومپرستي واري سوچ کي پاسي تي رکي ھڪ ٻئي جي غمي خوشي کي پنھنجي خوشي ۽ غمي تصور ڪري ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا ھيا اڄ سنڌ جا اھي جوڌا صوفين ۽ امن پسند ۽ ڀائيچاري واري سنڌ کي نفرت طرف وٺي وڃي رھيا آھن ان کان اڳ محرم الحرام ۾ صرف ھڪ ٻن شھرن ۾ مولانا ۽ا ھلتشيع وارن ۾ تلخي ٿيندي ھئي ان بعد سڀ ڪجھ نارمل ٿي ويندو سڀ امن ڀائيچاري سان رھندا ھيا پر اڄ سنڌ کي ھڪ اھڙي آڙاھ ۾ ڦاسايو ويو آھي جنھن مان نڪرڻ لاء تمام ڌرين کي سوچڻو پوندو اڄ ھڪ طرف مولانا صاحبان آھن تـ ٻئي طرف شور پرست ٻنھي طرفن کان ماحول کي وڌيڪ خراب ڪرڻ لاء ھڪ ٻئي مٿان لفظي گولا باري سميت احتجاج ۽ ريلين جو ھڪ اھڙو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي جنھن سان سنڌ کي فائدي بدران صرف نقصان ئي پھچندو ريلين ۾ ھڪ ڌر پاران ٻئي ڌر کي سنڌ جو غدار سڏي ٿو تـ ٻي ڌر وري انھن کي اسلام دشمن جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو آھي لفظي گولا باري ۾ گھٽتائي بدارن ان ۾ شدت وارو عمل جاري آھي جنھن سان نقصان صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌي عوام جو ٿي رھيو آھي انھن ريلين ۾ نفرت واري ٻولي جو استعمال ۽ سوشل ميڊيا تي گارگند واري ٻولي جو استعمال سرعام جاري آھي جنھن سبب سنڌ جي صوفيت امن ڀائيچاري واري ماحول کي نقصان نـ پر ختم ڪيو ويو آھي شدت ۾ اضافي سان سنڌ گھرو ويڙھ طرف وڃي رھيو آھي سنڌ کي مذھبي انتھا سميت سنڌ جي ان نفرت انگيز شعور کان بـ نقصان پھچي رھيو آھي انجي ڪري ڌرين کي سنڌ خاطر اھا نفرت واري ٻولي ترڪ ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي نفرت واري ۽ انتشار واري ٻولي کي ختم ڪري مذھبي ۽ شعور واري ڇيڙ ڇاڙ کي ختم ڪري ڇڏڻ گھرجي ۽ اڳ وانگر سنڌ جي خوشحالي لاء سنڌ کي ساڳي امن ڀائيچاري واري ٽريڪ تي آڻڻ لاء ساڳيو ماحول جوڙڻ گھرجي ھن وقت سنڌ ۾ حالتون تمام خراب آھن عالم سڳورن ۽ سنڌ جي شعور پسند سوچ رکندڙ دوستن کي ان ماحول کي ساڳي ٽريڪ تي آڻڻ لاء گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي سنڌ دوست سوچ سان ئي سنڌ ھڪ ڀيرو ٻيھر امن ڀائيچاري واري ماحول ۾ واپس اچي سگھي ٿو باقي تون خراب مان صحي واري سوچ سان ماحول وڌيڪ بگڙجي سگھي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو