سنڌ مان ايف آءِ اي جا 10 آفيسر بلوچستان بدلي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)بلوچستان ۾ انتظامي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ، 10 ايف آءِ اي آفيسرن کي سنڌ صوبي مان بلوچستان منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ 24 آفيسرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو.ايف آءِ اي ذريعن موجب بلوچستان ۾ انتظامي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي سنڌ زون مان 10 آفيسرن کي بلوچستان منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هيڊ ڪوارٽر جي حڪم تي ايف آءِ اي جي وڌيڪ 24 ملازمن جي فهرست تيار ڪئي پئي وڃي.اسلام آباد ۾ وفاقي جاچ اداري جي هيڊ ڪوارٽر مان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته آپريشنل ڊيمانڊ جي ڪري بلوچستان ۾ سڀني رينڪ جي آفيسرن جي کوٽ آهي. ايف آءِ اي بلوچستان جي ڪم کي ان جي اهم ذميوارين لاءِ موثر بڻائڻ لاءِ فوري طور تي تبادلن جي هدايت ڪئي وئي آهي.ايف آءِ اي جي اي ڊي جي سائوٿ آفيس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اي ڊي شاهد سعيد، انسپيڪٽر نازيه سليم، خرم اسلام، راجا سنيل، منير بجڪاڻي ۽ ڪمبوه خان کي ڪراچي زون کان بلوچستان منتقل ڪيو ويو آهي.حيدرآباد زون مان ذوالفقار علي سيال، صائمه صديقي، سرفراز حسين ۽ وقار احمد کي به بلوچستان موڪليو ويو آهي.ايف آءِ اي اختيارين موجب، اڄ هيڊ ڪوارٽر مان مليل تازين حڪمن ۾ ايف آءِ اي سنڌ زون مان 24 وڌيڪ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بلوچستان منتقل ڪرڻ جو چيو ويو آهي.اختيارين موجب، انهن حڪمن تي فهرستون تيار ڪيون پيون وڃن ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ايف آءِ اي جي وڌيڪ 24 ملازمن کي بلوچستان منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي.هيڊ ڪوارٽر جي حڪمن موجب، ايف آءِ اي جا 2 اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، 6 انسپيڪٽر، 6 سب انسپيڪٽر ۽ 10 ڪانسٽيبل فوري طور تي بلوچستان منتقل ڪيا ويندا.ذريعن موجب، ايف آءِ اي سنڌ زون ۾ اڳ ئي آفيسرن جي سخت کوٽ آهي، ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ انتظامي بحران جو خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو