سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريگيولر بينچن جي نئين لسٽ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ باقاعده بينچن جي نئين لسٽ جاري ڪئي وئي آهي.عدالت ۾ چار ٻه رڪني ۽ چار سنگل بينچون 13 جنوري کان 8 فيبروري تائين مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪنديون.روسٽر موجب، بينچ ون ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس اڪبر سروانا شامل هوندا، جيڪو اي سي ايل، پيمرا ۽ پي ٽي اي سميت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو.بينچ ٽو جسٽس صلاح الدين پهنور ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي مشتمل هوندو. هي بينچ فوجداري ڪيسن، ضمانت جي درخواستن، نيب، بينڪنگ، اي ٽي سي ۽ ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو.روسٽر ۾ چيو ويو آهي ته بينچ ٽيون جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس عبدالرحمان تي مشتمل هوندو. بينچ ٽيون ڪسٽم، ٽيڪسيشن، ايڪسائيز ۽ ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو.بينچ فور ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ارشد حسين شامل هوندا، جيڪي غير قانوني تعميرات، تجاوزات ۽ پاڻي جي فراهمي سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا.ان کان علاوه، بينچ فور ايس بي سي اي، ڪي ڊي اي ۽ ٻين ادارن سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي پڻ ڪندو.روسٽر موجب، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس اقبال ڪلهوڙو، جسٽس فيصل ڪمال ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري سنگل بينچ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو