50 هزار نون اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جو ارادو آهي،لنجار

لاڙڪاڻو (ن س) گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس ۾ 50 هزار نون اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جو ارادو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته لاڙڪاڻو اچڻ جو مقصد امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ هو. هن چيو ته هندو برادري کي اقليت نٿو چئي سگھجي ٿو، هندو اسان جا ڀائر ۽ برابري جا حق دار آهن.گهرو وزير جو چوڻ هو ته جن ماڻهن وٽ غير ضروري پوليس اهلڪار آهن، اُهي سڀ واپس ورتا ويندا، ايس ايس پيز کي چئي ڇڏيو آهي ته ان معاملن ۾ ڪا به سياسي مداخلت نه ٿيندي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ون فائيو بدران ذوالفقار فورس ٺاهي پئي وڃي، ان لاءِ لاڙڪاڻو جي ذوالفقار فورس کي 50 موٽر سائيڪلون پڻ ڏنيون وينديون. ڪچي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪچي وارن ضلعن کي وڌيڪ فنڊز فراهم ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ ۾ امن امان لاءِ هميشه سرگرم رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو