نوشهروفيروز(مشتاق مري) سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز جي گرائونڊ تي زبردست مقابلي بعد سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب نوشهروفيروز 20 رنسن تان ميچ کٽي ورتي. مئچ دوران سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽيندي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 265 رنسون اسڪور ڪيون جنهن ۾ پير شهاب الدين 138، تحسين شاهه 70 ۽ لارا 40 رنسون اسڪور ڪيون. جڏهن ته مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي بالرن وسيم 2، راجا 2، مرتضيٰ هڪڙي ۽ ارشد ٻه وڪيٽون ورتيون. جوابي بيٽنگ ڪندي مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب 19 اوورن ۾ 248 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. وسيم 46، ارشد 27، قمر 25 ۽ راجا 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب جي بالرن لارا عرف سهيل 5، پير شهاب ۽ تحسين شاهه ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. مين آف دي مئچ سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب جي رانديگر پير شهاب الدين کي قرار ڏنو ويو. مئچ ڏسڻ لاءِ شوقينن جو وڏو انگ گرائونڊ ۾ موجود هو جيڪي تاڙيون وڄائي رانديگرن کي داد ڏئي رهيا هئا. مئچ جو مهمان خاص شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ڪئمپ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام محي الدين سولنگي، عزيز ڦل، صدرالدين کوکر، سهيل احمد راڄپر هئا جن رانديگرن کي گلن جا ها پهرايا ۽ انعام ڏنا.
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع