ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته سنڌ ۾ اڃا تائين منڪي پاڪس جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته هن سال چڪن گونيا جا 140 ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته مليريا ۽ ڊينگي جي صورتحال بهتر آهي.هن چيو ته نيشنل هيلٿ سروس جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي فراهمي ۽ ٽيسٽ جي سهولت کي بهتر بڻائڻ لاءِ رٿابندي ڪئي پئي وڃي، سمورن اسپتالن جي حادثن واري شعبي جي صلاحيت کي وڌايو پيو وڃي.ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته شهر جي سينٽرل اسپتالن جي ايمرجنسي کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. هڪ هڪ ڪري سڀني اسپتالن جي ايمرجنسي رومز کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام کي چالو ڪيو وڃي.صوبائي وزير چيو ته برساتن سبب صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ اسپتالون ۽ ڪلينڪ متاثر ٿيا، سول اسپتال ۾ تمام گهڻي رش آهي. ان کي بهتر ڪيو پيو وڃي، نوان ڊاڪٽر ڀرتي ٿيڻ وارا آهن، سول اسپتال ۾ سرجيڪل ۽ ميڊيڪل ٽاور ٺاهيا پيا وڃن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هو هر اسپتال ۾ ملازمن جي بائيو ميٽرڪ کي لازمي بڻائڻ وارا آهن. جعلي ڊوميسائل تي داخلائون ورتيون ويون، جعلي ڊوميسائل واري معاملي ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، جعلي ڊوميسائل تي داخلا وٺندڙ شاگردن کي ڪڍيو ويو.
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسمبليءَ رٿ منظور ڪري واضح موقف ڏنو
ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف