ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ جڊيشل آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. نوٽيفڪيشن موجب، ايڊيشينل سيشن جج خالد حسين لغاري کي ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد، جڏهن ته ايڊيشينل سيشن جج محمد علي کي ڪراچي اولهه کان شڪارپور بدلي ڪيو ويو آهي.محمد اسلم چانڊيو کي شڪارپور کان ڪراچي اولهه منتقل ڪيو ويو. سول جج ڪرم علي شاهه کي قمبر ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سول جج محمد علي جروار کي سينٽرل ڪراچي کان ميرواهه بدلي ڪيو ويو. سول جج شڪيل مولاني کي ميرواهه کان ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور، جڏهن ته سول جج عادل عزيز سولنگي کي ڪراچي اوڀر کان ملير بدلي ڪيو ويو. سول جج محمد مزان بليدي کي ڪشمور کان سينٽرل ڪراچي بدلي ڪيو ويو، جڏهن ته سول جج شاهنواز کي ڪراچي ڏکڻ کان ضلعي قمبر منتقل ڪيو ويو. سول جج نواب خاصخيلي جو قمبر ضلعي کان ڪراچي ڏکڻ ۽ سول جج عطا حسين کي گمبٽ کان ميرواهه بدلي ڪيو ويو.
