سنڌ ۾ خصوصي پوليو مخالف مهم شروع ڪئي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت وڌيڪ خطري وارن علائقن ۾ پوليو خلاف هڪ خاص مهم شروع ڪئي آهي.ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اي او سي) جي ترجمان موجب، پوليو خلاف مهم جو پهريون مرحلو اڄ کان ڪراچي جي 27 هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ شروع ڪيو ويو آهي. پوليو خلاف مهم جو افتتاح سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو ڪيو. اي او سي موجب، آبادي جي کثافت ۽ نقل و حرکت جي ڪري پوليو وائرس جي پکڙجڻ جو خطرو برقرار آهي. پهرين مرحلي ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر وارن 562,000 ٻارن کي او پي وي جا ويڪسين لڳايا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو