سنڌ ۾ عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيدالفطر تي 3 موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي سومر 31 مارچ کان اربع 2 اپريل تائين هونديون، انهي دوران سموريون سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسون بند رهنديون.ياد رهي ته انهي کان اڳ وفاقي حڪومت طرفان به عيدالفطر تي 3 موڪلن جو اعلان ڪيو ويو هو. ٻئي طرف عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 30 مارچ تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته موسميات کاتي 30 مارچ تي چنڊ نظر اچڻ جو واضح امڪان ظاهر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو