سنڌ ۾ فارمي ڪڪڙين جي اگهن ۾ واڌ، عوام پريشان انتطاميه لاتعلق

ڪراچي(دريا خان شر) سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برائلر مرغي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اصافو ٿي ويو آهي. ملير، لانڍي، بن قاسم ۽ ٻين علائقن ۾ زندهه مرغي سوا ٻه سو روپيا ۽ مرغي جو گوشت 450 روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي. جڏهن ته ڪلفٽن ۽ ڊفينس سميت پوش علائقن ۾ اهي اگهه 250 ۽ 500 روپيا ڪلو تي وصول ڪيا وڃن ٿا. مرغي وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب ڪاسٽ وڌي وئي آهي ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته مارڪيٽ ۾ سپلاءِ ٿوري گهٽ ٿي آهي.*** هوڏانهن ٽنڊو محمد خان مان لال بخش سٺيو موجب ضلعي جي مختلف شهرن ۾ مرغي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ملاڪاتيار، سترموري ، آبادگار مل ، بلڙي شاھ ڪريم، ڪپور موري. نائون ميل ۽ ڏتاواھ سميت اڪثر علائقن مان ورتل اگهن موجب کنڀن واري جيئري فارمي مرغي 205 ڱان 215 روپيا ڪلو جڏهن ته مرغي جو گوشت سوا چار سو کان 460 روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي. غريبن جو ته جيئڻ جنجال آهي انتظاميا وڌايل ريٽن جي چڪاس لاءِ ڪو انتظام ناهي ڪيو، مرغي وڪرو ڪندڙ من ماني ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو