ڊاڪٽر اعجاز انڙ
اڄڪلهه سنڌ جو گرم ترين معاملو(Hot issue) پنجاب طرفان سنڌو درياهه مان ڇھ ڪينال ڪڍي چولستان جي ريگستاني زمين کي آباد ڪرڻ آهي. ان بابت ملڪ جي مشهور پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس جو چوڻ آهي ته اهو منصوبو انتهائي غيرمنطقي ۽ نقصانڪار آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙو منصوبو هندوستان به ڪجھ سال اڳ پنهنجي ريگستاني علائقي راجسٿان کي آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، جنهن تي هن ڪروڙين ڊالر خرچ ڪيا هئا پر اهو منصوبو ناڪام ويو ۽ ساڳي صورتحال چولستان سان به ٿيندي پر پوءِ به وقت جا حاڪم ضد جي گهوڙي تي سوار آهن، هيٺ لهن ئي نٿا. ٻيو اهو ته اها ڪٿان جي عقلمندي آهي، جو سنڌ جي 72 لک ايڪڙ زرخيز زمين ۽ انساني زندگي داءَ تي لڳائي توهان رڳو 60 لک ايڪڙ ريگستاني زمين غيرمنطقي طريقي سان آباد ڪرڻ جون تياريون ڪريو پيا. اها سنئين سڌي سنڌ جي عوام سان سينا زوري آهي، جنهن ۾ سنڌ جو جاگيردار طبقو، مير پير ۽ سنڌ ۾ قبضي هيٺ آيل زمين (ڪيٽين) جا مالڪ انهن سان ٻٽ بيٺا آهن، جن جو هي گرين پاڪستان منصوبو آهي.
سنڌ سان انهن ناجائزين ۽ ارهه زورائين جي تاريخ تمام ڊگهي آهي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ پنجاب 2 ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪندو هو. ان وقت سنڌ جي هڪ ڪروڙ، 35 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي، جيڪا گهٽجي وڃي 72 لک ايڪڙن تي پهتي آهي ۽ پنجاب هاڻي چئن ڪروڙ ايڪڙن کان مٿي زمين آباد ڪري رهيو آهي، جيڪا سموري زمين سنڌ مان ڪينال ڪڍي آباد ڪئي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي زمين جي الاٽمينٽ جو مسئلو آهي، جيڪا ان منصوبي کي نذراني طور عطا ڪئي وئي آهي، جنهن جا به حقيقي انگ اکر لڪايا ويا آهن ته اها 50 هزار ايڪڙ آهي يا هڪ لک ايڪڙن کان وڌيڪ آهي. خبرون ته اهي به آهن ته سنڌ جي ڪچي جي به لکين ايڪڙ زمين ان منصوبي کي نذراني طور ڏيڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ اها جيڪا هٿ ٺوڪي ڌاڙيل گردي آهي، سا به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. اسان جهڙن ملڪن جو الميو اهو آهي ته هتي صحيح انگ اکر عام ماڻهن جي پهچ کان پري رکيا ويندا آهن ته جيئن عوام کي آرام سان ٺڳي سگهجي، جنهن جي ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان احتجاج جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن ته اها سنڌ سان وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي. مرڪز ۾ صدر مملڪت جو منصب پيپلز پارٽي وٽ آهي، جنهن ان سڄي منصوبي جي منظوري ڏني آهي ۽ هڪ اندازي موجب هزارين ايڪڙ زمين سنڌ جي وزيراعليٰ ايس آءِ ايف سي جي حوالي ڪئي آهي ۽ وري مزيدار ڳالهه اها به آهي ته صدر صاحب ڪينالن جي منظوري کان انڪاري آهي، جڏهن ته سنڌ جي وزير اعليٰ اها ڳالھ تسليم ڪئي آهي ته هن ان پراجيڪٽ ۾ سنڌ جي زمين ڏني آهي. ان سڄي صورتحال جي ڪري سنڌ ۾ شديد ڪاوڙ ۽ بيچيني آهي ته سنڌ جي حڪومت جيڪا سورنهن سالن کان سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ آهي، سا سنڌ جي وسيلن سان ۽ ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪري رهي آهي. اسان جڏهن تاريخ جا ورق اٿلايون ٿا ته اسان کي اهڙي قسم جون سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيون هر دور م ملن ٿيون. سنڌ سان انگريزن جي دور کان وٺي بيحد بيواجبيون ٿينديون آيون آهن، جنهن ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي زمين جي ورهاست شامل آهي. هيٺ انهن جو ذڪر ڪجي ٿو.
برطانوي دور (1856ع – 1941ع):
انگريزن جي دور ۾ 1843ع کان 1941ع تائين 10 دفعا آدمشماري ڪرائي وئي. ان موجب 1851ع ۾ پهرين آدمشماري وقت سنڌ جي آبادي 19 لک هئي، جيڪا 90 سالن ۾ وڌي 1941ع جي انگريزن پاران ڪرايل آخري آدمشماري موجب 47 لک، 30 هزار ٻڌائي وئي. انهن 90 سالن ۾ سنڌ جي آبادي ۾ 28 لک، 30 هزار ماڻهن جو واڌارو ٿيو، جن مان اڪثريت انهن ٻاهرين ماڻهن جي رهي، جن کي 1932ع جي بيراج ٺهڻ کانپوءِ زرعي زمين ڏيئي آباد ڪيو ويو.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ:
پهرين سرڪاري آدمشماري 1951 ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي آبادي 60 لک ڄاڻايل آهي، يعني 1941ع کان 1951ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر هندستان مان لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻهن سبب 12 لک 70 هزار ماڻهن جو واڌارو ٿيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ 1951ع کان 2017ع تائين ٿيل آدمشماري انگن اکرن مطابق سنڌ جي آبادي ۾ لاڳيتو واڌارو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن جو وچور هن ريت آهي:
1951ع کان 1961ع تائين: 1951ع ۾ سنڌ جي آبادي 60 لک، 48 هزار هئي، جيڪا 1961ع ۾ وڌي 83 لک، 68 هزار ٿي وئي، يعني 38.25 سيڪڙو واڌارو ٿيو. ان عرصي دوران هندستان مان آيل مهاجرن ۽ ٻين صوبن مان ماڻهن جي لڏپلاڻ سبب آبادي ۾ واڌ ٿي.
1961ع کان 1972ع تائين: 1961ع ۾ جيڪا آبادي 83 لک، 68 هزار هئي، سا 1972ع ۾ وڌي هڪ ڪروڙ، 40 لک، 50 هزار ٿي وئي يعني 67.89 سيڪڙو واڌارو ٿيو. هن عرصي دوران شهري آبادي خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ آبادي جو تيزيءَ سان واڌارو ٿيو.
1972ع کان 1981ع تائين: 1972ع ۾ آبادي هڪ ڪروڙ، 40 لک، 50 هزار هئي، سا 1981ع ۾ وڌي هڪ ڪروڙ، 90 لک، 28 هزار ٿي وئي يعني 35.45 سيڪڙو واڌارو ٿيو. هن عرصي دوران شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي ٻنهي ۾ واڌ جاري رهي.
1981ع کان 1998ع تائين: 1981ع ۾ آبادي هڪ ڪروڙ، 90 لک، 28 هزار هئي، سا 1998ع ۾ وڌي ٽي ڪروڙ، 4 لک، 40 هزار ٿي وئي يعني 60.00 سيڪڙو واڌارو ٿيو. هن عرصي دوران شهري آبادي ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان واڌارو ٿيو ۽ سنڌ اندر وڏي تعداد ۾ افغان پناهگير آيا، جنهن سبب ڪراچي جي آبادي وڌي، گڏوگڏ حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ افغان پناهگيرن جون ڪئمپون ۽ وستيون قائم ٿيون. ان سڄي عرصي دوران 90 واري ڏهاڪي ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ ۾ ھلچل ڏسڻ ۾ اچي ٿي .
1998ع کان 2017ع تائين: 1998ع ۾ آبادي ٽي ڪروڙ، 4 لک، 40 هزار هئي، سا 2017ع ۾ وڌي چار ڪروڙ، 78 لک، 86 هزار ٿي وئي يعني 57.34 سيڪڙو واڌارو ٿيو. ان عرصي دوران شهري آبادي ۾ تيزيءَ سان واڌارو جاري رهيو، خاص طور تي ڪراچي وڌيڪ متاثر ٿي. مجموعي طور 1951ع کان 2017ع تائين سنڌ جي آبادي ۾ لڳاتار واڌارو ڏسڻ ۾ آيو آهي. انهن سالن دوران واڌ سراسري طور 50 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي آهي، جنهن سان سنڌ جي ڊيموگرافي تي وڏو اثر پيو آهي. ان واڌاري ۾ قدرتي واڌ کان وڌيڪ هٿرادو واڌ جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. انڪري سنڌ جي وسيلن تي تمام گهڻو ناڪاري اثر پيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته 1941ع ۾ آبادي 40 لک کان 2017ع تائين رڳو 76 سالن ۾ 4 ڪروڙ، 78 لک، 86 هزارن تي پهتي آهي، جيڪا ڪنهن به حوالي سان فطري واڌ ناهي، بلڪه مسلسل ڌارين جي آمد جاري رهي آهي ۽ ان ڌاري آبادڪاري خلاف انگريزن جي زماني کان وٺي سنڌ جي ماڻھن جو مختلف وقتن تي احتجاج ٿيندو رهيو آهي پر پاڻ ۾ ايڪو نه هجڻ، سياسي اختلاف، گروهي مفاد ۽ سنڌي ماڻهن جي ٿوري تعداد سبب وفاق ڪڏهن به ان تي ڌيان نه ڏنو آهي، تنهنڪري سنڌ تي آبادي جو دٻاءُ وقت سان گڏ وڌندو رهيو، جنهن ۾ سنڌ جا وسيلا نيلام ٿيندا رهيا، جيڪا ڦرلٽ اڄ تائين جاري آهي.
سنڌ جي زمين جي ورهاست؛
سکر بيراج (1932ع) ۽ ڪوٽڙي بيراج (1955ع) جي تعمير کان پوءِ زرعي زمينن جي آباديءَ لاءِ غيرمقامي ماڻهن کي زمينون الاٽ ڪيون ويون. انهن منصوبن سان مقامي زميندارن ۽ غير سنڌي آبادگارن کي زمين الاٽ ڪئي وئي. سکر بيراج جي زمين ورهاست ۾ 1955ع کان 1958ع تائين غير سنڌين کي 1,52,620 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي جڏهن ته سنڌين کي 54,789 ايڪڙ ملي. ڪوٽڙي بيراج ۾ 11.25 لک ايڪڙ ورهايل زمين مان مقامي ماڻهن کي تقريباً 3.68 لک ايڪڙ زمين ڏني وئي، باقي غير سنڌين کي الاٽ ڪئي وئي. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته آباد زمين مان 8 لک، 82 هزار، 6 سئو 20 ايڪڙ زمين ڌارين کي ڏني وئي ۽ ان مان چار لک، ٻاويهه هزار، ست سئو اوڻانوي ايڪڙ زمين مقامي زميندارن کي ڏني وئي پر ڪن انگن اکرن موجب، ون يونٽ دوران ٽوٽل 28 لک ايڪڙ زمين ورهائي وئي هئي. جڏھن ته جيڪو ڪاٿو لڳايو ويو هو ته سکر بيراج منصوبو ٺهڻ کانپوءِ 29 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي، ڪوٽڙي بيراج سان 28 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي ۽ گڊو بيراج جي ٺهڻ سان 29 لک ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهبي، يعني ڪل 86 لک ايڪڙ زمين انهن بيراجن جي ٺهڻ کانپوءِ آبادي لائق بڻبي پر ان جي جاءِ تي رڳو تيرنهن لک، پنج هزار، چار سئو نو ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي.
انگريزن جي دور کان وٺي پاڪستان ٺهڻ تائين ۽ پاڪستان جي قيام کان وٺي 2025 تائين ان سڄي عرصي ۾ ڪو دور اهڙو ڪونهي، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻھن جي زمين، پاڻي ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ نه ٿي هجي پر هن دفعي جهڙي ريت سنڌ کي وفاقي منصوبي ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ مڪمل خاتمي طرف ڌڪڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، ان سڄي سنڌ جي عوام ۾ نه صرف خوف ۽ بيچيني پيدا ڪئي آهي پر ان سان گڏ منجهن بيداري جي وڏي لهر به نظر آئي آهي، جنهن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ پنهنجي وسيلن کي ڪنهن به صورت ۾ وفاق هٿان تين وال ٿيڻ نه ڏيندي..!
هي روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پِڙهندڙڻ لاءِ پيش ڪجي ٿو