سنڌ ۾ ڪپهه، ڪڻڪ، سرنهن ۽ ٻير جون 12 نيون جنسون منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي زرعي سائنسدانن وڌيڪ پيداوار ڏيڻ واريون نيون زرعي جنسون تيار ڪري ورتيون آهن، سنڌ حڪومت پاران 12 نين جنسن، جنهن ۾ ڪپهه، ڪڻڪ، سرنهن ۽ ٻير شامل آهن، جي منظوري ڏني وئي آھي.ان ڏس ۾ سنڌ جي زراعت ۽ بيورو آف سپلائي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي صدارت هيٺ سنڌ سيڊ ڪائونسل جو 36 هون اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ نون ٻجن جي خاصيتن ۽ نين متعارف ٿيل قسمن جي پوک لاءِ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪپهه جي ڪرس 644، ڪرس 674، ڪرس 682، نئون بي ٽي 2021 ۽ ميان ريشم نان بي ٽي جي منظوري ڏني وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي جنسون گهٽ پاڻي وٺنديون، گرمي وڌيڪ برداشت ڪري سگهنديون، جيتن کي آساني سان حملو ڪرڻ نه ڏينديون ۽ اپت ۾ واڌ ڏينديون. ڪڻڪ جي IV-3، جڏهن ته عروج 22، اڪبر 19، سبحاني 21 ۽ نئون ميڪ پاستا کي جزوي طور هڪ سال لاءِ منظوري ڏني وئي، سرنهن جي قسمي ڪيزولا ۽ ٻيري جي ليمائي گولو جي به منظوري ڏني وئي.اجلاس دوران هارين شڪايت ڪئي ته پنجاب جي چانور جي ٻج جي ڪري سنڌ جي هارين کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، جنهن تي زراعت واري وزير سخت نوٽيس وٺندي کاتي کي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ انهيءَ بابت رپورٽ طلب ڪئي.محمد بخش مهر چيو ته زراعت کاتي ۾ ڪافي بهتري آئي آهي پر اڃا ڪمزورين تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت سيڊ ايڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، ايڪٽ منظور ٿيڻ بعد ٻين صوبن جي جعلي زرعي جنسن ۽ ڪمپنين خلاف سنڌ جا آفيسر ڪارروائي ڪري سگهندا. هن چيو ته موسمي تبديلين جي ڪري زرعي ترقيءَ جو عمل متاثر ٿي رهيو آهي، ڇو ته هارين کي قدرتي آفتن کان وڌيڪ نقصان پهچي رهيو آهي. هن زرعي سائنسدانن کي هدايت ڪئي ته موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي تحقيقي سرگرميون تيز ڪيون وڃن.ڊائريڪٽر جنرل ريسرچ مظهر ڪيريو اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي چيو ته نيون جنسون جديد سائنسي طريقن سان تيار ڪيون ويون آهن، ۽ اهي جنسون نه رڳو صوبائي زرعي پيداوار ۾ اضافو آڻينديون، پر سنڌ کي زرعي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.هاري اڳواڻ نديم شاهه چيو ته جنسن جون نيون ورائٽيون منظور ٿيڻ سان سنڌ ڪپهه ۽ ڪڻڪ ۾ خودڪفيل ٿي ويندو.اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت رفيق احمد برڙو، ڊائريڪٽر جنرل ريسرچ مظهر ڪيريو، ڊي جي فيڊرل سيڊ سرٽيفڪيشن، سيڊ ڪمپنين جي نمائندن کان علاوه ڊي جي زراعت منير احمد جماڻي، هاري اڳواڻ سيد نديم شاهه، سيد ميران محمد شاهه، سيد زين شاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر زرعي معلومات منير احمد ڪاڪا ۽ ٻين زرعي ماھرن ۽ سائنسدان شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو