سنڌ ۾ گهٽ برسات سبب 15 ضلعن ۾ سوڪهڙي جو الرٽ جاري

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)موسميات کاتي پاران اڄ سوڪهڙي (Drought) جو نئون الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پھرين سيپٽمبر 2024ع کان 21 مارچ 2025 تائين ملڪ ۾ 40 سيڪڙو گهٽ مينهن پيا آهن جڏهن تَه سنڌ ۾ رواجي وسڪاري جي ڀيٽ ۾ 62 سيڪڙو گهٽ مينهن وسيو آهي. سنڌ جا 15 ضلعا، بلوچستان جا 11 ۽ پنجاب جا 3 ضلعا سوڪهڙي جو شڪار ٿيندا. الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تَه لڳاتار مينهن جي کوٽ سبب ايندڙ مهينن ۾ Flash Drought (اهڙو سوڪهڙو جنهن ۾ بارشون گهٽ وسڻ سان گڏ گرمي پد ۾ غيرمعمولي واڌ اچي ۽ مٽيءَ مان پاڻياٺ سُڪي وڃي) جو انديشو آهي. ٻئي پاسي ڊيمن ۾ بِه پاڻي ناهي. اپريل کان پوءِ جيئن گرمي پد وڌندو تَه سنڌ لاءِ ويتر ڏکيو مرحلو ايندو. الرٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بلوچستان ۾ معمول کان 52 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 38 سيڪڙو برسات گهت پئي آهي. پنجاب جي وچولن علائقن ۾ صورتحال مختلف آهي ڇو ته انهن علائقن ۾ برسات جي شرح بهتر آهي. سنڌ جي 15 ضلعن مان نوشهروفيروز، شهيد بينظيرآباد، دادو، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، حيدرآباد، ٺٽو، بدين ۽ ڪراچي ۾ ماڊريٽ يعني وچولي درجي جو سوڪهڙو رهندو. جڏهن ته گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، سکر، خيرپور ۽ سانگهڙ ۾ هلڪي درجي جو سوڪهڙو رهندو. بلوچستان جي گوادر، لسٻيلو، پنجگور، آواران ۽ ڪيچ ضلعن ۾ وچولي ۽ چاغي، جهل مگسي، سبي، جعفرآباد، نوشڪي ۽ واشڪ ۾ هلڪي درجي جي سوڪهڙي جو خدشو آهي. پنجاب جي ٽن ضلعن بهاولنگي، بهاولپور ۽ رحيم يار خان ۾ هلڪي درجي جي سوڪهڙي جو خدشو آهي. سنڌ جي وچولي درجي وارن سوڪهڙي جو شڪار ضلعن ۾ گرمي پد معمول کان ٻه يا ٽي درجا وڌيڪ رهندي. ڏاکڻين علائقن ۾ سوڪهڙو 200 ڏينهن کان وڌي به سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو