سنگاڪارا جي قيادت ۾ ايم سي سي ٽيم پاڪستان پهچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا جي اڳواڻي ۾ دنيا جي تاريخي مارلي بون ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 7 ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي وئي. لاهور ايئرپورٽ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان مهمانن جو استقبال ڪيو. ٽيم جي قيادت ڪمار سنگاڪارا ڪري رهيو آهي جيڪو 11 سالن بعد پاڪستان آيو آهي. انگلينڊ جي تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ مارلي بون ڪرڪيٽ ڪلب جي ئي ملڪيت آهي ۽ مارلي بون ڪلب ڪرڪيٽ قانون جي ضامن طور به سڃاتي ويندي آهي. ايم سي سي جي ٽيم دوري ۾ لاهور ۾ 4 ميچون کيڏندي سڀاڻي قذافي اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندر ۽ ايم سي سي جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيو ويندو. ايم سي سي 16 فيبروري تي پاڪستان شاهينز خلاف ون ڊي ميچ کيڏندي 17 فيبروري تي ناردرن، 19 تي ملتان سلطانز خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندي. جڏهن ته ٽي ميچون ايچي سن ڪاليج ۾ کيڏيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو