سهواگ شڪيب جي ڀارت کي ناراض ڪرڻ واري بيان تي سخت تنقيد

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي بيٽسمين وريندر سهواگ بنگلاديش جي ڪپتان شڪيب الحسن جي ڀارت کي مايوس ڪرڻ واري بيان تي سخت تنقيد ڪئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب وريندر سهواگ جو چوڻ آهي ته شڪيب الحسن به ويرات ڪوهلي وانگر آخر تائين کيڏي ها، ٻي صورت ۾ اهڙو سڌو سنئون بيان نه ڏيان ها.هن چيو ته 99 ۽ 102 رنسن جي وچ ۾ بنگلاديش جون ٽي وڪيٽون ڪري پيون، جنهن دوران 20 رنسن جي پارٽنرشپ ميچ جو نتيجو تبديل ڪري سگهي ٿي.وريندر سهواگ جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ڪپتان غلطي ڪئي، ڪپتان کي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته شڪيب الحسن هڪ ڪپتان ۽ سينيئر رانديگر آهي، کيس ان وقت ذميواري ڏيکارڻ گهرجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو