پکو ( عبدالوحيد ميئو) نوجوان ڪرڪٽر سھيل احمد مغيري فاسٽ بالنگ سبب سنڌ ۾ خطرناڪ رانديگر طور مشھور ٿي ويو آهي. سوئنگ بالنگ ۾ مھارت رکندڙ نوجوان سنڌ ۾ راندين جي وڏن ايونٽس ۾ پنھنجي راند جا جوھر ڏيکاري قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي نمائندگي ڪندي ٻين ضلعن سان مدمقابل ٿي پنهنجي ٽيم کي سوڀارو ڪري ڪيترا ئي ايونٽ ۽ ميڊل پنھنجي نانءُ ڪري چڪو آھي . جڏھن ته نوجوان رانديگر سنڌ سرڪار ۽ ڊويزن بورڊ پاران نظرانداز ڪندي ھمٿ افزائي ۽ پي سي بي ٽرائلز ۾ شامل نه ڪرڻ تي مايوسي جو شڪار بڻيل آھي . ان حوالي سان نوجوان ڪرڪيٽر سھيل احمد سنڌيار سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته ڪرڪيٽ کيڏڻ جو جنون ننڍپڻ ۾ ئي پڙھائي دوران ھو ، اسڪول سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺي سوئنگ بالنگ ڪرائيندو ھئس ۽ مسلسل محنت سان اڄ پوري سنڌ ۾ راند جي حوالي سان سڃاتو وڃان ٿو . ھن چيو ته سوئنگ بالنگ ۾ وسيم اڪرم کان متاثر ٿي شروع ڪئي . ھن پي سي بي لاڙڪاڻو ڊويزن کان مايوس ٿي شڪايت ڪئي ته بھترين راند ھجڻ باوجود بورڊ وارن قائد اعظم ٽرافي لاءّ ٿيندڙ ٽرائلز ۾ ڪڏھن به گھرائي اڳتي وڌڻ جو چانس نه ڏنو. ھن چيو ته مان ضلعي سطح تي ڪرڪيٽ ڪلب کولي رھيو آھيان جنھن ۾ نوجوانن کي ڪرڪيٽ جي سکيا ۽ گر سيکاريندس ان لاءِ ضلعي انتظاميه سھڪار ڪري ته ڪيترا ئي نوجوان اڳتي اچي سگھن ٿا. ھن سنڌ سرڪار ۽ پي سي بي بورڊ کان مطالبو ڪيو ته ٽرائلس تي سنڌ جي ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن مان سنڌ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھان .
