ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ جي ڊي اي جي سيڪريٽري اطلاعات ، سردار عبدالرحيم امام انقلاب حضرت پير سائين صبغت الله شاهه ثاني، المعروف شهيد سورهيه بادشاهه، جي يوم شهادت جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد سورهيه بادشاهه کي 32 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتي جي آزادي جي جدوجهد جي ڪري ڦاهي تي چاڙهي شهادت نصيب ڪئي وئي. شهيد سورهيه بادشاهه انگريزن جي ظلم ۽ بربريت آڏو ڪڏهن به پنهنجو سر نه جهڪايو ۽ وڏي خوشدليءَ سان شهادت قبول ڪئي. اسان شهيدن جا وارث آهيون. سردار عبدالرحيم چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه ۽ هزارين حرن جي قربانين سبب پاڪستان کي آزادي نصيب ٿي. شهيد سورهيه بادشاهه جي سربراهيءَ ۾ شروع ٿيل جهاد انگريز سامراج کي هن خطي مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. هزارين حرن پنهنجون جانيون قربان ڪيون ۽ قيد و بند جون سختيون برداشت ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته اڄ به حر جماعت جا مجاهد سرحدن جي حفاظت تي مقرر آهن، جنهن سبب ملڪ جون سرحدون محفوظ هٿن ۾ آهن. سردار عبدالرحيم عهد ڪيو ته اسان شهيد سورهيه بادشاهه جي مشن جي تڪميل تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.
