سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا ڪرڻ تي عليمه خان سڀاڻي طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سوشل ميڊيا تي منفي پروپئگنڊا ڪرڻ تي پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان کي جي آءِ ٽي سڀاڻي ٻيهر طلب ڪري ورتو، عليمه خان جي آءِ ٽي جي اڳوڻي سمن تي پيش نه ٿي هئي. آءِ جي اسلام آباد جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جاچ ڪري رهي آهي، عليمه خان سميت 17 ماڻهن کي 21 مارچ تي طلب ڪيو ويو هو پر عليمه خان جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿي، سندس وڪيل عائشه خالد جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو