سول اسپتال جي عملي کي ڪٽڪو، مريض جو مائٽ گرفتار

عمرڪوٽ(مشتاق مهر) عمرڪوٽ سول اسپتال جي عملي ۽ مريض جي مائٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، ميل نرس عثمان چانهيون جا ڪپڙا ليڙو ليڙون، پوليس مريض جي مائٽ قاضي راهمون کي گرفتار ڪري ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. مريض جي مائٽن جو چوڻ آهي ته اسٽاف توجه نو پيو ڏئي مريض کي تڪليف هئي. جنهن تي احتجاج ڪيو ته عملي وارن بدتميزي ڪئي جنهن تي جهيڙو ٿيو. ملازمن چيو ته هو بدمعاشي ڪري رهيو هو ۽ بد شد ڳالهائي رهيو هو ۽ هرو ڀرو اسان تي تشدد ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو