ريڊ لائين جي روٽ مڪمل ٿيڻ ۾ اهم پيش رفت، اڏاوتي ڪم تيز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي اھم اجلاس ۾ روڊ حادثن جي روڪٿام، ريڊ لائن بي آر ٽي، ييلو لائن بي آر ٽي جي تعميراتي ڪم، موٽر وھيڪل انسپيڪشن سينٽرز جي قيام سميت ٽرانسپورٽ جي ٻين منصوبن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو، سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو، يلو لائن بي آر ٽي جي پروجيڪت ڊائريڪٽر ضمير عباسي، سيڪريٽري پي ٽي اي اوڪاش ميمڻ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ اھم اڳڀرائي بابت سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو اجلاس کي آگاھي ڏني ته سول ايوي ايشن اٿارٽي پنجن مان ڇھن ھنڌن تي تعميراتي ڪم تي راضي ٿي وئي آھي، جڏھن ته ھڪ ھنڌ بابت وڌيڪ ڳالھ ٻولھ جاري آھي. اجلاس ۾ بايو گيس پلانٽ، بي آر ٽي منصوبن جي ڊيپوز جي ڊزائن، تعميرات ۾ ٿيڻ واري اڳڀرائي، ڪنسلٽنٽس ۽ ٺيڪيدارن جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ موٽر وھيڪل انسپيڪشن سينٽرز فعال ٿي ويا آھن، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورين ڪمرشل گاڏين کي لازمي فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو، ھن ھدايت ڪئيتھ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به موٽر وھيڪل انسپيڪشن سينٽرز جوقيام جلد کان جلد عمل ۾ آندو وڃي. اجلاس ۾ عيد الفطر جي موقعي تي اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪاررواين جو بھ جائزو ورتو ويو ۽ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سخت ھدايتون جاري ڪيون ته مسافرن کان اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. بي آر ٽي منصوبن جي وقت سر مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون ڏيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن ۽ يلو لائن بي آر ٽي منصوبن جي تعميراتي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي ته جيئن ڪنھن به قسم جي غير ضروري دير کان بچي سگھجي، ھن چيو ته اسان بي آر ٽي منصوبن جي وقت سر تڪميل ۽ سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بھتري لاءِ پرعزم آھيون، ۽ ڪنھن به قسم جي دير يا ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن کي ھدايتون ڏنيون ته عيد الفطر کانپوءِ سمورن منصوبن تي روزاني جي بنياد تي اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو