سول نافرماني تحريڪ لاءِ عمران خان جي حڪم جو انتظار آهي: گنڊاپور

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته سول نافرماني جي تحريڪ جي حوالي سان پي ٽي آءِ باني عمران خان جي حڪم جو انتظار آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون کي ڪالهه اڊيالا جيل جي اندر نه وڃڻ نه ڏنو ويو مون کي چيو ويو ته ڪليئرنس نه آهي. هن چيو ته مان پوري صوبي جو نمائندو آهيان مون کي ڪنهن قسم جي ڪليئرنس جي ضرورت نه آهي. سول نافرماني تحريڪ جي حوالي سان پي ٽي آءِ باني عمران خان جي حڪم جو انتظار آهي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي خلاف داخل ڪيسن جي تفصيل لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، درخواست تي ٻڌڻي جسٽس صاحبزاده اسدالله ۽ جسٽس وقار احمد تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪئي.درخواست گذار جي وڪيل عالم خان ادينزئي چيو ته علي امين گنڊاپور ڪيسن جي تفصيل لاءِ درخواست داخل ڪئي. ڊپٽي اٽارني جنرل حضرت سيد ٻڌايو ته رپورٽ جمع ڪئي آهي. ايف آءِ اي جو ڪوبه ڪيس نه آهي، علي امين گنڊاپور جي خلاف اسلام آباد ۾ 32 ۽ پنجاب ۾ 33 ڪيس داخل آهن.جسٽس صاحبزاده اسدالله ريمارڪس ڏنا ته ڪيٽرو ٽائيم لڳايو، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ به ته وقت لڳندو آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب جي هڪ انڪوائري آهي، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جي رپورٽ اڃان تائين سامهون نه آئي آهي.عدالت چيو ته نيب تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي 16 جنوري تائين حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏي، عدالت داخل ڪيسز ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو