ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪار سونو سود جي زال ڪار حادثي ۾ زخمي ٿي پئي،ڀارتي ميڊيا موجب سومر جي رات اداڪار سونو سود جي زال سونالي جي ڪار ممبئي ۾ ناگپور هاءِ وي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي ۽ هوءَ حادثي ۾ زخمي ٿي پئي،شروعاتي رپورٽن موجب، حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن سونالي پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائٽي سان گڏ سفر ڪري رهي هئي. حادثي وقت ڀائٽيو ڪار هلائي رهيو هو ۽ زخمي پڻ ٿيو.سونالي ۽ سندس ڀائٽيو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن ۽ انهن کي 48 کان 72 ڪلاڪن تائين نگراني ۾ رکيو ويندو، جڏهن ته سونالي جي ڀيڻ، جيڪا ڪار ۾ هئي، کي معمولي زخم آيا پر هو محفوظ رهي.سونالي جي حادثي جي خبر ملڻ کان پوءِ سونو سود فوري طور تي ناگپور پهتو.حادثي جي تصديق ڪندي اداڪار جي ترجمان ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو ته سونالي جي ڪار کي حادثو پيش آيو آهي.
