سونيا حسين جو برائيڊل فوٽو شوٽ وائرل، شادي جي سوالن تي خاموشي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي اداڪارا سونيا حسين پنهنجي نئين برائيڊل جو فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو آهي. سونيا حسين جي نئين فوٽو شوٽ ۾ هن کي اڇي شادي جي لباس ۽ خوبصورت زيورن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اداڪاره جي خوشگوار موڊ ۾ ڪيل نئين فوٽو شوٽ کي به سندس مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. سونيا حسين نوان فوٽو اپلوڊ ڪرڻ وقت وائرل گانن جو به استعمال ڪيو آهي.هن فوٽو شوٽ کي هاڻي تائين هزارين لائيڪ ۽ سوين تبصرا ملي چڪا آهن، ڪيترن ئي صارفين اداڪاره کان شادي بابت پڇي رهيا آهن.اداڪاره ڪمينٽ باڪس ۾ ڪيترن ئي تبصرن جا خوشيءَ سان جواب ڏنا آهن، جڏهن ته شادي بابت پڇيل ڪيترن ئي سوالن تي خاموش رهي آهي.اداڪاره جي خاموشي سندس مداحن ۾ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي، صارفين کي پڪ ناهي ته هي سندس شادي جو فوٽو شوٽ آهي يا اداڪاره صرف باقاعده فيشن شوٽ ڪرايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو