سون سستو ،ڊالر مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپيا گهٽتائي ٿي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي قيمت ۾ 800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ هڪ تولو سون جو اگهه 2 لک 72 هزار 600 رپيا ٿي ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي 10 گرام جو اگهه 685 رپيا گهٽتائي سان 2 لک 33 هزار 711 رپيا ٿي ويو آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 8 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2614 ڊالر في اونس ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 15 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر جي قيمت 278 رپيا 57 پئسا آهي.ڊالر جي انٽر بئنڪ ريٽ گذريل ڪاروباري ڏينهن تي 278 رپيا 42 پئسا تي بند ٿي وئي. انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 15 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 17 پئسا واڌ سان 279 رپيا 59 پئسا تي بند ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو