سيارن جي پريڊ ڏسڻ جو اڄ بهترين موقعو، فلڪيات ماهر

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڄ سيارن جي پريڊ ڏسڻ جو بهترين موقعو آهي. فلڪيات دان پروفيسر جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته هن وقت ڇهه سيارا هڪ ئي قطار ۾ نظر اچي رهيا آهن.پروفيسر جاويد اقبال چيو ته زهره، مشتري، مريخ ۽ زحل کليل اک سان نظر ايندا.نيپچون ۽ يورينس کي دوربين ذريعي ڏسي سگهجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته هي سيارو ڏسڻ فيبروري جي ٻئي هفتي تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو