سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هائيڪورٽ سياري جي موڪل بعد سمورن اسڪولن کي ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي تدارڪ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورا اسڪول سياري جي موڪل بعد ٻارن کي ٽراسپورٽ جي سهولت ڏين، جيڪا اسڪول انتظاميا حڪم نه مڃي ان اسڪول کي سيل ڪيو وڃي، ڪوبه اسڪول والدين کي لکي نه اماڻي ته هو ٻارن جي ذميواري نه کڻندا. عدالت ٽن ورهين جي امل سکيرا کي گاڏين جي فٽنس چيڪ ڪندڙ موبائل يونٽس جو افتتاح ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو