سياستدانن جيان سرڪاري عهديدارن جا اثاثا به ڊڪليئر ڪيا وڃن

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت بااثر ڪاروبارن کي سبسڊي يا ٽئڪس سهولتون فراهم ڪندي آهي جنهن سبب مقابلي ۽ پيداواري صلاحيت متاثر ٿي.آءِ ايم ايف دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي نئين ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، عمل جوڳين معاشي پاليسين ۽ سڌارن تي عملدرآمد لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو جڏهن ته نجي شعبي لاءِ سازگار ماحول به فراهم ڪرڻو پوندو.آءِ ايم ايف چيو ته پاڪستان کي حڪومتي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن کي تيز ڪرڻو پوندو، ٽئڪس آمدني وڌائڻي پوندي ۽ خرچ گهٽائڻا پوندا، حڪومت بااثر ڪاروبارن کي سبسڊي يا ٽئڪس سهولتون فراهم ڪندي آهي جنهن سبب مقابلي ۽ پيدواري صلاحيت متاثر ٿي.آءِ ايم ايف موجب، پاڪستان ڪجهه ڏهاڪن اندر ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ زندگي جو معيار گهٽ ٿيو آهي، پاڪستان کي مضبوط معاشي پاليسين ۽ سڌارن تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، پاڪستان تعليم ۽ صحت واري شعبن ۾ مناسب سيڙپڪاري ناهي ڪئي، پاڪستان ۾ چاليهه سيڪڙو غريب آهن جڏهن ته ملڪ ۾ وڌيڪ پيدواري ملازمتن جي کوٽ آهي.دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ماضيءَ ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل سڌارن تي عملدرآمد نه ڪيو ۽ نه ئي ٻن ڏهاڪن دوران عالمي واپار جو حصو بڻجڻ لاءِ سنجيدا قدم کنيا جنهن سبب پاڪستان پنهنجي برآمدات ۾ واڌارو نه ڪري سگهيو .آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي پروگرام جي دوران ٻين عالمي مالياتي ادارن وٽان 14 ارب ڊالرز جي فنانسنگ ملڻ جي اميد آهي، حڪومت تي سياسي عدم استحڪام سبب سڌارن ۽ ٽئڪسن ۾ لاٿ جو دٻاءُ رهندو ۽ سياسي ڇڪتاڻ سبب معاشي استحڪام متاثر ٿي سگهي ٿو.آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو ته حڪومت گورننس بهتر بڻائڻ ۽ ڪرپشن جي نشاندهي لاءِ هڪ رپورٽ جاري ڪري، ڪرپشن جي شفاف جاچ لاءِ نيب جو انگ وڌايو وڃي، پارليامينٽ ميمبرن جيان اعلي سرڪاري عهدن تي مقرر شخصيتن جي اثاثن کي فيبروري 2025 تائين ڊڪليئر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو