سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست

طفيل مگسي
سياست هڪ عظيم ۽ نهايت ئي خاص علم آھي.جيڪو انساني معاشري جي ترقي ۽ ترتيب جي لاء وڏي اهميت رکي ٿو.دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ترقي ۽ توازن ۾ سياست جو ڪردار نهايت ئي اهم رهيو آھي ۽ بهترين سياست اها آھي.جيڪا ملڪ جي ماڻھن جي معاشرتي.اقتصادي ۽ سماجي ضرورتن کي پورو ڪري.پهرين ۽ بنيادي شيء اها آھي ته سياست ۾ انصاف.برابري ۽ اخلاقيات جو ڪو فرق نه هجي بلڪ بهترين سياست اها آھي ته جيڪا ماڻھن جي حقن ۽ مواقعن جي محافظ بڻجي ڪري انهن جي زندگين کي بهترين بڻائي ۽ سماجي امن واستحڪام جي لاء ڏينهن رات محنت ڪري.هرهڪ ملڪ جي بهترين سياست ان تي مشتمل هوندي آھي ته اها پنهنجين شهرين جي مواقعن جي ميسري جو بندوبست ڪري.معاشري جي بنيادي حقن جهڙوڪ تعليم.صحت.روزگار ۽ زندگيء جي ٻين بنيادي سهوليتن جو بندوبست ڪري کين پاڻڀرو ڪري.هڪ معاشرتي نظام جيڪو صحت.تعليم ۽ روزگار جي ڪوشش ڪري ۽ غربت.بدروزگاري ۽ پريشاني کي ڏور ڪري.سياست جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ترقي جي لاء سياستدانن کي پنهنجن وعدن ۡ۽ ارادن کي پورو ڪرڻ جي ضمانت ڏيڻ گهرجي.اهي پنهنجين شھرين جي مفادن کي پنهنجين پاليسين جو بنياد بڻائين ۽ انهن جي ڳالهين تي عمل ڪن.بهترين سياست هڪ اهڙي سياست آھي.جيڪا ماڻھن کي هڪ ٻي جو احترام ڪرڻ سيکاري.اهڙي سياست جيڪا انسانيت جي اصولن تي مشتمل هجي.حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جو گس ڏيئي.بهترين سياست ۾َ شفائيت ۽ انصاف جو بنياد رکڻ ضروري آھي.سياستدان ان  پنهنجي عوام جون ڳالهيون ٻڌن ۽ انهن جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي پورو ڪرڻ جي جستجو ڪن.سياست جي روشني مختلف طبقن.قومن.مذھبن ۽ عورتن کي برابري ۽ انصاف ڏياري.سياستدانن کي انسانيت .امن ۽ عدل جي لاء ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي.جڏھن ته وڳوڙن ۽ تشدد جي خلاف سختي سان ڪاروائي ڪن.
انساني حقن ۽ انسانيت جي احترام کي سياسي قدرن جو بنياد بڻايو وڃي.سياست جو مقصد عوام جي خوشحالي ۽ بهتري ڪرڻ آھي.جيڪا پوري انسانيت جي خدمت ڪري.ڪنهن ڏوه.فساد يا ظلم کي برداشت نٿي ڪري بلڪ انڪار ڪري ٿي ۽ مخالفت ڪري ٿي.سياست کي اهو وسيلو بنائڻ گهرجي جنهن کان ماڻھن جي معشيت.تعليم.صحت ۽ روزگار ۾ بهتري اچي.بهترين سياست جي وسيلي معاشرتي و اقتصادي ترقي کي وڌايو وڃي ۽ انسانيت و عالمي قدرن جي پاسباني ڪئي وڃي.ليڪن بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جو عوام اهڙي سياست جا صرف اڻپورا خواب ئي ڏسي سگهي ٿو .ڇاڪاڻ ته هتي سياست اهڙي گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪي آھي ته جنهن کي صاف ڪندي صديون لڳي سگهن ٿيون ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو