سياست نه ڪريو، جيڪڏهن ضرورت آهي ته پوءِ ڪئنال ٺهن: ٽيسوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته قسم کڻي چوان ٿو سنڌ ۾ ڪئنالن تي سياست ٿي رهي آهي، گورنر هائوس جا دروازا کليل آهي، سموريون پارٽيون ڪئنالن تي سياست ڇڏي گڏجي ويهن، جيڪڏهن ڪئنالن جي ضرورت آهي ته ٺهڻ گهرجن، گورنر سنڌ ميئر ڪراچي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مرتضيٰ وهاب هڪ پيج تي چار لائينون لکي وفاق کان ڪراچي لاءِ 100 ارب گهري رهيو آهي، ميئر ڪراچي شهر جي بهتري چاهي ٿو ته گورنر هائوس اچي، هن چيو ته حيدرآباد ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي جو ڪورس ڪرائڻ لاءِ جڳهه نٿي ملي، جلد ئي حيدرآباد جي نوجوانن لاءِ آءِ ٽي جا ڪورس آڻي رهيو آهيان، نوجوانن کي اسڪالر شپ جو به موقعو ڏنو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو