سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي، وزيراعظم کي حڪومتي مذاکراتي ٽيم ٺاهڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي، هو معاملا حل ڪرڻ چاهين ٿا.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته بئريسٽر گوهر ايوان جي نگران اسپيڪر جو ڪردار قبول ڪيو آهي، بئريسٽر گوهر اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته هو ڳالهين ۾ فعال ڪردار ادا ڪن.سردار اياز صادق چيو ته هو بئريسٽر گوهر جي ڳالهين واري ڪميٽي جي تجويز کي قبول ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو