اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪونمسل سميت ٻين سياسي پارٽين کي ساليانو گوشوارا جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي.سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 2 رڪني ڪميشن 48 سياسي پارٽين کي ساليانو گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي طلبي تي ٻڌڻي ڪئي.استحڪام پاڪستان پارٽي، پي ٽي آءِ نظرياتي، ايم ڊبليو ايم ۽ بلوچستان عوامي پارٽي سميت ٻيون ڪيتريون ئي پارٽيون اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿي سگهيون.سني اتحاد ڪونسل، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي، گرين ڊيمو ڪريٽڪ پاڪستان، پاڪ ڊفينس موومينٽ، بي اين پي مينگل، عام آدم تحريڪ پاڪستان ۽ ٻيون سياسي پارٽيون اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيون.سنڌ جي ميمبر اليڪشن ڪميشن اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو؟ اليڪشن ڪميشن اختيارين جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جو چونڊ نشان واپس وٺي سگهي ٿو.مختلف سياسي پارٽين ساليانا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت جي استدعا ڪئي جنهن تي اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي ساليانو گوشوارا جمع ڪرائڻ جي استدعا منظور ڪري ورتي، اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
10 ججن خلاف شڪايتون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀ جج آئيني بينچ ۾ شامل
26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل
9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور
آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون
وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو
صحت کاتي ۽ خاص ماڻهن جون مقرريون ۽ بدليون
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟
ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پريالي ويجهو پيرسن پراسرار نموني قتل
احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر
خانپور مهر ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو
دادو شهر ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان بيدردي سان قتل
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل شهري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم
فلاحي پلاٽ تي قبضي خلاف درخواست ۾ ترميم جو حڪم
زمين جي مالڪي غريب هاري جان کائي وئي،لاش ٽنگيل مليو
ڪوهيڙي کان بچڻ لاءِ مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي،481 پوائنٽن جو اضافو
جي ايچ ڪيو ڪيس ۾ خان جي حاضري ويڊيو ذريعي لڳائڻ جو حڪم
اسان سان جيڪو ٿي پيو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ نه ڪنداسين: شبلي فراز
لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي جي شدت برقرار