سيال جي ضمانت ۾ واڌ، ٻن مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪريو،عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي وزير سهيل انور سيال خلاف جاچ ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندس عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي وزير سهيل انور سيال جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت نيب کي سهيل انور سيال خلاف ٻن مهينن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته سهيل انور سيال خلاف انڪوائري جاري آهي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت گهربل آهي. عدالت پُڇيو ته توهان کي ڪيترو وقت گهرجي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ 4 هفتا گهربل آهن. عدالت چيو ته اسان توهان کي 2 مهينن جي مهلت ڏيون ٿا، جوابدار خلاف جاچ مڪمل ڪري وٺو؟ عدالت سهيل انور سيال جي عبوري ضمانت ۾ 2 مهينن تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو