سيف جو شنڪر جي حوالي سان بيان کي علظ پيش ڪيو ويو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جي حوالي سان بيرسٽر سيف جو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته پي ٽي آءِ جي ڀارت بابت پاليسي اهائي آهي جيڪا پاڪستان جي پاليسي آهي، ڀارتي پرڏيهي وزير کي اسان ڪنهن پارٽي يا تقريب ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏينداسين.هن چيو ته اسان جو هڪ ڏينهن جو احتجاج هو ڌرڻو نه هو، جنهن طريقي سان شيلنگ ڪئي وئي ۽ گوليون هلايون ويون، اهو غير جمهوري آهي، ڊي چوڪ ڪابه اهڙي مقدس جڳهه نه آهي، جتي ڪوبه قدم نٿو رکي سگهي، اسان صرف آزاد عدليه جي لاءِ نڪتا هئاسين.بيرسٽر گوهر چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته ڊي چوڪ تي احتجاج ۾ نه مان نڪتس، نه ئي اسان جو ڪو ايم اين اي شامل ٿيو، فيصلو ڪيو ويو هو ته ايم اين ايز ۽ تحريڪ انصاف جو چيئرمين نه نڪرندا. اسان ڊي چوڪ احتجاج جي پٺيان رهي حمايت ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جي اجلاس کي نظر ۾ رکندي احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ڇو ته اڳ به اسان جي ايم اين ايز کي کنيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو