سيمي ۽ رچرڊز لاءِ پريس ڪلب جي اعزازي ميمبر شپ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪٽ جي بحالي لاءِ خدمت تي سابق ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ۽ پشاور زلمي جي قائد ڊيرن سيمي، سر ويوين رچرڊز ۽ نامياري اسپورٽس جرنلسٽ قمر احمد کي ڪراچي پريس ڪلن جي اعزازي ميمبر شپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو ڪلب جي گورننگ باڊي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جيڪو ڪلب جي صدر امتياز خان فاران جي سربراهي هيٺ منعقد ٿيو. ياد رهي ته عالمي ڪرڪٽ جي بحالي لاءِ خدمت تي حڪومت پاڪستان به ڊيرن سيمي کي اعزازي شهريت ۽ اعليٰ ترين سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.جيڪو کيس هلندڙ سال 23 مارچ تي ڏنو ويندو. ان کان علاوه دنيا ۾ 400 ٽيسٽ ميچ لائيو ڪور ڪرڻ وارو پهريون صحافي ۽ نامور اسپورٽس جنرلسٽ قمر احمد جي خدمت جي اعتراف ۾ ان کي به پريس ڪلب جي لائف ٽائم ميمبر شپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو