پشاور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي خيبر پختونخواهه (جي آءِ) جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سينيٽر مشتاق احمد خان جو وڏو ڀاءُ مارجي ويو. پشاور پوليس موجب شڪيل احمد خان کي سندس گهر جي سامهون نامعلوم ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪيو. مشتاق احمد خان جو چوڻ آهي ته سندس وڏو ڀاءُ شڪيل احمد خان ڳوٺ ۾ سندس گهر جي سامهون شهيد ڪيو ويو.هن چيو ته سندس وڏو ڀاءُ مون کي تمام گهڻو پيارو هو، هو منهنجو مددگار هو.سينيٽر مشتاق احمد خان وڌيڪ چيو ته هي بدترين ظلم آهي.
