سينيٽ حال ۾ زبردستي داخل ٿيڻ تي مينگل تي ڪيس داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل جي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ورتو.جوائنٽ سيڪريٽري سينيٽ جميل احمد جي مدعيت ۾ سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ سردار اختر مينگل سميت ڇهن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به لڳايا ويا آهن.ڪيس جي متن موجب اختر مينگل سان گڏ ٻين 5 ڄڻن هٿياربند ٿي سينيٽ هال ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. مير جهانزيب مينگل، اختر نواز هٿياربند ٿي سيڪيورٽي اسٽاف کي ڌڪا ڏنا. جوابدارن زبردستي سينيٽ هال ۾ هٿيارن سميت داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو