سينچري کان پهريون افتخار ڇا چيو،بابر ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ناقابل شڪست سينچري اسڪور ڪندڙ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته ميچ جو آخري اوور سندس لاءِ تمام خاص هو.ميچ کانپوءِ بابر اعظم آل رائونڊر عماد وسيم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن جي وڊيو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جاري ڪئي آهي.ڳالهه ٻولهه ۾ ڪپتان چيو ته منهنجو ذهن هميشه مثبت هوندو آهي، پنهنجي راند کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ٽيم جي ضرورتن ۽ حالتن موجب کيڏندو آهيان.ڪپتان چيو ته هن ميچ جي پهرين ڏهن اوورن ۾ اسان تمام سٺي پوزيشن ۾ هئاسين، مان پر اعتماد محسوس ڪريان ٿو.بابر چيو ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه هاڪاري آهي، پلان موجب وڃي رهيا آهيون، اها ڪوشش آهي ته هڪ کي آئوٽ ڪيو ته ٻيو ميچ کي پڄاڻيءَ تي وٺي وڃي.100 رنسن جي حوالي سان بابر چيو ته سينچري ڪنهن جي ذهن ۾ نه هئي، رڳو ٽيم کي 185 رنسن تي وٺي وڃڻ جي ڳالهه هئي، جڏهن ميٽ هينري خلاف رنسون ٺاهيون ته افتخار احمد چيو ته توهان سينچري ڪري سگهو ٿا، پندرهن سئو رنسون گهربل هيون. آخري اوور ۾ هڪ ڇڪو ۽ پوءِ هڪ چوڪا، افتخار چيو ته مارو جتي بال اچي، اها سنچري ٿي ويندي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو.بابر اعظم چيو ته منهنجي اننگز جو لمحو آخري اوور هو.

پهنجو تبصرو موڪليو