ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ لاڳاپا سدائين ٻه طرفا هوندا آهن، جيڪڏهن ڀارت پاڪستان اچي ايشيا ڪپ نٿو کيڏي ته پاڪستان کي به عالمي ڪپ نه کيڏڻ کپي.پنهنجي هڪ بيان ۾ معين خان جيڪڏهن پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ نٿو ٿئي ته ڀارت ۾ به عالمي ڪپ نه ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپا بحال ٿيڻ گهرجن.اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته اِهي شيون تڪراري بيان ڏيڻ سان حل نه ٿينديون، هر بورڊ برابر آهي، پئسن جي بنياد تي فرق نه هئڻ گهرجي.هن سينيئر رانديگرن کي ڪڏهن نه ڪڏهن ته ڪرڪيٽ ڇڏڻي پوندي تنهنڪري جونيئر رانديگرن کي تيار ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي.معين خان چيو ته ڪوچ ملڪي هجي يا پرڏيهي ايمانداري سان ڪرڪيٽ لاءِ ڪم ڪري، محمد عامر ليگ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، ڪاڪردگي به ڏيکاري رهيو آهي، جيڪڏهن پراسيس تحت اچي ٿو ته، سندس ٽيم ۾ جاءِ ٺهي ته کيس شامل ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن سيٽ رانديگر جي جاءِ تي محمد عامر کي کيڏائڻ غلط هوندو، شاداب خان جي قيادت کي نوجوان ٽيم سان هڪ سيريز تي جج ڪرڻ مناسب نه آهي، شاهين پي ايس ايل ۾لاهور قلندرز جي سٺي اڳواڻي ڪئي، هو مستقبل ۾ سٺو ڪپتان بڻجي سگهي ٿو، اعظم خان کان جيڪي غلطيون ٿيون هو پاڻ اُهي سڌاريندو.
پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو
پي پي اقتدار ۾ هوندي وفاق سان ناراض
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو