سيڙپڪاري، دفاعي ۽ سيڪورٽي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

رياض(اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي، علائقائي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل ويزن کي فروغ ڏيڻ لاءِ هر سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سرڪاري خبرن جي اداري اي پي پي موجب، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا وِنگ پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به موجود هئا. ملاقات دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ۽ تاريخي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ويو، ۽ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب جي انهن قدمن کي ساراهيو، جيڪي پاڪستان ۾ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ کنيا پيا وڃن، ۽ جيڪي پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ڌرين علائقائي سلامتي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي تسليم ڪندي، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ علائقائي صورتحال ۽ خطي جي سياسي منظرنامي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن علائقائي امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي گڏيل ويزن کي فروغ ڏيڻ لاءِ هر سطح تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي شاندار خدمتن جو اعتراف ڪندي، انهن جي ڀلائي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطا، ثقافتي ڏي وٺ ۽ تعليمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ ولي عهد باهمي احترام، گڏيل مفادن، ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن جي روشني ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي شراڪتداري کي نئين بلندين تي پهچائڻ جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي وزير سيڙپڪاري جي ملاقات
ان کان اڳ، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سيڙپڪاري جي سعودي وزير خالد الفالح ۽ اقتصادي سرگرمين لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جي سربراهه محمد التويجري پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻنهي سعودي عملدارن وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، پاڪستان ۾ وڌيڪ سعودي سيڙپڪاري آڻڻ، ۽ اهم شعبن ۾ گڏيل قدمن کي تيز ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪارن لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، ۽ پاڪستان جي اسٽريٽيجڪ حيثيت ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين کي اجاگر ڪيو. هن توانائي، انفراسٽرڪچر، زراعت، ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستان جي وڏي صلاحيت کي نمايان ڪندي، سعودي ڪاروباري ادارن کي خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (SIFC) تحت ڪاروباري موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. سعودي وزير خالد الفالح ۽ ٽاسڪ فورس جي سربراهه محمد التويجري پاڪستان سان اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هنن سيڙپڪاري منصوبن کي تيز ڪرڻ ۽ انهن جي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ادارتي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته ٻنهي ڌرين منظم مشاورت ۽ گڏيل منصوبن تي تيزيءَ سان عملدرآمد ذريعي پاڪستان-سعودي اقتصادي شراڪتداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي معاونت لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، موسمياتي تبديلي جي وفاقي وزير مصدق ملڪ، ۽ SIFC جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد موجود هئا. سعودي وفد ۾ سعودي وزارت سيڙپڪاري جا نمائندا ۽ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جا ميمبر شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو