سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي شهر ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ تي اختيارين کان پڇاڻو ڪيو آهي ته جيڪڏهن سڪيورٽي جو اهڙو مسئلو آهي ته شهر ۾ جلسي تي پابندي لڳائي وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ کي باغ جناح ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ واري معاملي تي ڊپٽي ڪمشنر اوڀر ۽ ايس ايس پي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊي سي ۽ لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت جلسي جي اجازت نه ملڻ ۽ سڪيورٽي خطرن بابت رپورٽ طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته مسئلو ڇا آهي، پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڇو نه ڏني پئي وڃي ۽ معاملو ڇو لٽڪايو پيو وڃي؟ جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ جواب ڏنو ته سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ سبب جلسي جي اجازت نه ڏني پئي وڃي.جسٽس يوسف علي پڇاڻو ڪيو ته سيڪيورٽي ڪليئرنس ڪير نه ڏئي رهيو آهي؟ ان تي ڊي سي چيو ته انٽيليجنس رپورٽن موجب جلسي دوران دهشتگردي جو خطرو آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته اجلاس جا منٽس ڪٿي آهن؟ جنهن ۾ سيڪيورٽي خطرن جي نشاندهي ڪئي وئي. عدالت چيو ته ڪراچي ۾ سڪيورٽي جو ڪهڙو مسئلو آهي؟ ڪا ٻي سياسي پارٽي جلسو نه ڪري رهي آهي؟ جيڪڏهن سيڪيورٽي جو ايترو ئي مسئلو آهي ته پوءِ شهر ۾ جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لڳائي وڃي.عدالت وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي متبادل هنڌ آهن، درخواستگذار کي متبادل جڳهه تي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.ان تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي پي ٽي آءِ کي شهر ۾ ڪٿي به جلسو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو