سيڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ بلوچستان ۾ ريل سروس بحال ٿيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ريلوي جي مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته سيڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ بلوچستان ۾ ريل سروس بحال ڪئي ويندي.ريلوي جي مملڪتي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس واقعي کانپوءِ بلوچستان ۾ ريلوي سروسز فوري طور تي پروٽوڪول سان بحال ڪيون وينديون. مسافرن جي حفاظت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ، نقصان کان پوءِ ٽريڪ ۽ بوگيون مڪمل طور تي بحال ڪيون پيون وڃن.هن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ۽ ريلوي خدمتون صرف انهن خطرن جي گهٽ ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر شروع ٿينديون.مملڪتي وزير چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي جي خلاف مضبوطي سان بيٺي آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ غير متزلزل عزم سان جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو