سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي ۽ انتظامن ۾ غفلت جي معاملي تي ترت ڪارروائي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کي سندن عهدن تان هٽايو ڇڏيو.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير سمير نور چنہ کي فوري طور سينٽرل پوليس آفيس (سي پي يو) رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد کي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن، ۽ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ (ايس اينڊ جي اي ڊي) ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.سنڌ حڪومت اعلان ڪيو آهي ته هو پوليو ورڪرز جي حفاظت جي مامري ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪندي ۽ پوليو مهم جي ڪاميابي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀئي ضروري قدم کنيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو