سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجينئر اسدالله خان يونيورسٽي روڊ جو دورو ڪري پاڻي جي 84 انچ ڊايا لائين جي مرمت جي ڪم جو تفصيلي معائنو ڪيو دوري جي دوران چيف انجنيئر واٽر ٽرنڪ مين ظفر پليجو سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا ان موقعي تي واٽر ڪارپوريشن جي اعلي اختيارين واٽر ٽرنڪ مين جي عملي جي ڏينهن رات ڪوششن کي ساراهيو دوري جي دوران واٽر ڪارپوريشن جي اعلي عملدارن کي چيف انجنيئر واٽر ٽرنڪ مين مرمت جي ڪم بابت بريفنگ ڏيندي چيو تہ مرمتي ڪم رات دير سان مڪمل ڪيو ويندو ۽ مرمت جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي جڏهن تہ اڄ شام تائين شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بحال ٿي ويندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو