سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي.وفاقي ڪابينا پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس جي سرڪيوليشن ذريعي منظوري ڏئي ڇڏي.قانون واري وزارت گذريل ڏينهن آرڊيننس وزيراعظم ۽ ڪابينا کي موڪلي ڇڏيو هو.آرڊيننس موجب بينچ عوامي اهميت ۽ بنيادي انساني حقن کي نظر ۾ رکندي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي، هر ڪيس جي ٻڌڻي ان جي موڙ تي ڪئي ويندي يا سبب ڏيکاريو ويندو.ترميمي آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته هر ڪيس ۽ اپيل کي رڪارڊ ڪيو ويندو ۽ ٽرانسڪرپٽ تيار ڪيو ويندو.سڀئي رڪارڊنگ ۽ ٽرانسڪرپٽ عوام لاءِ دستياب هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو