توشه خانه، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين ٽرائل ڪورٽ فيصلو نه ڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ توشه خاني بابت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف اپيل اڪلائي ڇڏي.سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين توشه خاني ڪيس جو فيصلو ٽرائل ڪورٽ نٿو ڪري سگهي.توشه خاني ڪيس بابت سپريم ڪورٽ نئين ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظهر علي نقوي جي جاءِ تي جسٽس حسن اظهر رضوي کي بينچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو