سپريم ڪورٽ ججن جو روسٽر جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ججن جو روسٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، معمول جي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ 7 بينچون قائم ڪيون ويون آهن.چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ پهرين بينچ جوڙي وئي آهي، بينچ ۾ جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس شاهد بلال حسن شامل آهن.ٻي بئنچ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ آهي، جنهن ۾ جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس عقيل احمد عباسي شامل آهن.ٽه رڪني بينچ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اطهر من الله تي مشتمل آهي.جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ چوٿين بينچ جوڙي وئي آهي، هي بينچ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد تي مشتمل آهي.جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ پنجين بئنچ جوڙي وئي، جنهن ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ عرفان سعادت خان شامل هئا.جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ ڇهين بئنچ، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان به ان بينچ جو حصو آهن.ستين بئنچ جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل تي مشتمل آهي.سپريم ڪورٽ ۾ اڄ 5 رڪني لارجر بينچ به جوڙي وئي آهي، 63 اي تي نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.سپريم ڪورٽ جا سمورا 19 جج هن هفتي اسلام آباد جي پرنسپل سيٽ تي موجود هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو