اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان خميس ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي ججن لاءِ جڊيشل الائونس ۽ هائوس رينٽ الائونس ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. هن هفتي جي شروعات ۾، حڪومت هاءِ ڪورٽ جي ججن جي هائوس رينٽ ۽ پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. جنهن موجب هاءِ ڪورٽ جي ججن جو هائوس رينٽ 65 هزار ماهوار مان وڌائي ساڍا ٽي لک ۽ جڊيشل الائونس 342431 مان وڌائي 10 لک 9و هزار ماهور ڪيو ويو هو. ان واڌ واري نوٽيفڪيشن تي به وقتي صدر جي صحيح ٿيل هئي. ان واڌ بعد هاءِ ڪورٽ جي جج جي ماهوار پگهار 20 لک ٿي وئي هئي. هاڻي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي صحيح سان 4 نومبر تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ جي ججن جي گهر جو ڪرايو 68 هزار مان وڌائي 3 لک 50 هزار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جڊيشل الائونس 468040 روپين مان وڌائي 1061163 روپيا ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ جولاءِ 2023 ۾تڏهوڪي وقتي صدر صادق سنجراني سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پگهار 12 لک ۽ جج جي پگهار 11 لک ڪئي هئي. ان کان اڳ جون 2022 ۾ تڏهوڪي صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پگهار وڌائي 1024324 روپيا ۽ جج جي پگهار 967636 روپيا ڪئي هئي.
بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار
گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور
سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي: لنجار
ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو
بنون چوڪي تي حملو، 12 جوان شهيد، 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو
مڇي مارڻ لاءِ ماحول دوست ۽ جديد طريقا اختيار ڪريو، شاهه
پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهري ورتي
اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز، سعودي جو اتفاق
ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي